جيوڻ شاهه سيد

جيوڻ شاهه، سيد: سيد جيوڻ شاهه ولد سيد نجب علي شاهه 1295هه/ 1878ع ۾ دادوءَ ۾ جنم ورتو. سيد جيوڻ شاهه عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد ابراهيم عباسي سيالن واري کان ورتي، شاهه صاحب صلوات جو پابند ۽ متقي هو. جڏهن تُرڪيءَ تي انگريزن قبضو ڪيو ته هن انگريزن خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو. ساڻس گڏ محمد هاشم سومرو، وڏيرو الهه بچايو ميمڻ، محمد رمضان ميربحر ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي شامل هئا. سيد جيوڻ شاهه مسجدن ۾ وڃي واعظ ڪندو ۽ تلقين ڪندو هو ته انگريزن مان جان ڪيئن ڇڏائجي. هن چندا گڏ ڪري حسن علي آفنديءَ جي معرفت ترڪيءَ جي مالي مدد لاءِ موڪليا. سيد جيوڻ شاهه دادو ضلعي جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون. سيد جيوڻ شاهه هڪ عاليشان مسجد به ٺهرائي، جيڪا اڄ به جيوڻ شاهه مسجد جي نالي سان سڏجي ٿي، سيد جيوڻ شاهه 1361هه/ 1942ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس جيوڻ شاهه مسجد جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو